اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻهن ک?? ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سرديءَ ۾ بي گهر ماڻهن ک?? ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي لاءِ سئو گهرن جي عطيي تي ??نه?? جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن ک?? هلندڙ سرديءَ جي موسم ۾ ڇت ??ي فراهمي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻهن ک?? اپيل ڪئي ته اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت جي مدد ڪن، اسان ک?? هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ڀائرن، ٻارن ۽ بزرگن ک?? اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.
سرديءَ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش