ڪراچي – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عدليه جي بحالي ۾ وڪيل برادري اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت سان خط??ب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ جمهوريت کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان کي ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ ??ي لا??ِ گهربل قربانين کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته قانون جي حڪمراني جي لاءِ مشاورت ضروري آهي پر مشاورت جي عمل ۾ غيراهم عمل رڪاوٽ آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ملڪ ۾ جمهوريت جي بقاءَ کي ??قي??ي بڻائڻ جي لاءِ تشدد ۽ ٽڪراءُ کان پاسو ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وڪيلن کي جمهوري عمل جي تسلسل ۽ قانون جي حڪمراني کي ان جي روح سان لاڳو ڪرڻ جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان جمهوري عمل سان قائم ٿيو ۽ ان جي ترقي جمهوريت جي تسلسل سان ئي ممڪن آهي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر شاهد زبيري، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر نعيم قريشي ۽ ايڊووڪيٽ رياض آفندي پڻ خط??ب ڪيو.
عدليه جي بحالي ۾ وڪيل برادري اهم ڪردار ادا ڪيو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس