اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته جسٽس اطهر من الله جي فيصلي کانپوءِ چار ججز جو فيصلو مڪمل ٿي چڪو آهي، پارليامينٽ ۽ 12 سياسي پارٽيون جي??و چئي رهيون هيون اهو فيصلو ان جي توثيق آهي، سياسي پارٽيون اليڪشن کان ڀڄنديون ناهن پر اليڪشن جا اهي فيصلا جي??ي پنهنجي سياسي حڪمت عملي کي تقويت ڏيڻ جي لاءِ مڙهيا وڃن اهي ناقابل قبول هوندا آهن، پٽيشن رد ٿيڻ جي باوجود سياسي پارٽين مطالبو ڪيو ته فل ڪورٽ ٺاهي فيصلو ورتو وڃي ته جيئن پاڪستان جي عوام جو عدالتن تي اعتماد بحال ٿي سگهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته گذريل ٻن، ٽن مهينن کان ملڪ جي اندر جي??و سياسي عدم استحڪام ۽ جي??ا عدا??تي ڪارروائي ملڪ جي سياست تي اثرانداز ٿي رهي آهي ان تي هڪ وڏو فيصلو آيو آهي، جسٽس اطهر من الله جي فيصلي جي ان لاءِ به اهميت آهي ته چار ججز جن پنجاب، خيبرپختونخواهه جي اليڪشن پٽيشن کي رد ڪيو هو اهو فيصلو مڪمل ٿي وڃي ٿو، اڄ جي فيصلي ۾ نه رڳو عدا??تي ڪارروائي تي سواليه نشان آهي پر واضح طور تي چي?? آهي نه بئنچ کان جدا ٿيا نه ئي معذرت ڪئي هئي ۽ هو پنهنجي ساٿي چار ججز جي فيصلي تي متفق آهي. هن چي?? ته ناقابل ٻڌڻي ۽ رد ٿيل پٽيشن تي چي?? جسٽس ٽي رڪني بئنچ ٺاهي، جڏهن پٽيشن ئي نه آهي ته ٻڌڻي ڪنهن شيءَ جي ٿي آهي ۽ فيصلو ڪهڙي شيءَ جو آيو آهي. هن چي?? ته پٽيشن رد ٿيڻ جي باوجود هن ملڪ کي ٺاهيندڙ سياسي پارٽين مطالبو ڪيو ته فل ڪورٽ ٺاهي فيصلو ورتو وڃي ته جيئن پاڪستان جي عوام جو عدالتن تي اعتماد بحال ٿي سگهي، آئيني سوالن تي فل ڪورٽ لازمي هئي. هن چي?? ته سياسي پارٽيون اليڪشن کان ڀڄنديون ناهن پر اليڪشن جا اهي فيصلا جي??ي پنهنجي سياسي حڪمت عملي کي تقويت ڏيڻ جي لاءِ مڙهيا وڃن اهي ناقابل قبول هوندا آهن، هي اليڪشن جو معاملو ناهي رهيو. جسٽس اطهر من الله چي?? ته اُها عدا??تي ڪارروائي جي??ا ڪنهن سياسي حڪمت عملي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ٿئي ان جي اجازت نه آهي. هن چي?? ته ان معاملي جا ٻه رخ آهن، هڪ سياسي رخ آهي ۽ ٻيو عدا??تي رخ آهي جڏهن عدا??تي ڪارروائي تڪراري ٿي وڃي، اڪثريتي ججز جي بئنچ نه مڃي، سپريم ڪورٽ جي اندر ورڇ هجي اهو عوام ڪيئن مڃي؟ هن چي?? ته ملڪ جي عدا??تي تاريخ، آئيني تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙو فيصلو ناهي ٿيو ته هڪ پٽيشن خارج ٿئي ۽ ان کي سپريم ڪورٽ جي اڪثريت خارج ڪري ڇڏي ته ان تي ٽي بئنچ ٺاهيا ويا هجن. هن چي?? ته هڪ تاثر آهي ته هر ان ڪيس ۾ جنهن جو فيصلو پي ٽي آءِ جي حق ۾ اچڻو آهي ته هڪ مخصوص جج کي بئنچ ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته ان آئيني بحران جي شروعات ئي پاڻمرادو نوٽيس کان ٿي آهي، جي??ڏهن ڪنهن فيصلي تي سپريم ڪورٽ جي اڪٿريت و??هايل هجي، هڪ لاڏلي، فارن ايجنٽ، آئين ٽوڙيندڙ جي سهولتڪاري هجي اهو ڪنهن صورت ۾ قابل قبول نه آهي. هن چي?? ته اهو ڪم ڪٿان شروع ٿيو، عمران خان حڪومت جي خلاف بي اعتمادي ڪامياب ٿي وڃي، اسپيڪر ڊپٽي اسپيڪر جي ذريعي غيرآئيني ڪم ڪرائڻ، صدر کان اسيمبلي تحليل ڪرائي وئي هجي، استعيفيٰ ڏنا ويا ۽ پوءِ واپسي جي لاءِ عدالت کان ريليف، آئين جي آرٽيڪل 63 اي کي ٻيهر لکڻ، حمزه شهباز ۽ بزدار ڪيس ۾ جدا فيصلا، سائفر جنهن تي سڄو تماشو ڪيو ويو اهو محسن نقوي تي اچي رڪجي ويو، سي سي پي او لاهور ڪيس ۾ 90 ڏينهن اندر اليڪشن جو پاڻمرادو نوٽيس مان نڪرڻ، اهو سڀ قوم جي آڏو آهي. هن چي?? ته جنهن کي پي ٽي آءِ ناڻي واري وزارت جي ڪرسيءَ تان ڪن پڪڙي لاهي ڇڏيو ان کان عدالت ۾ گهرائي معيشت جو پڇيو وڃي ٿو، ڇا اليڪشن رڳو پي ٽي آءِ کي وڙهڻي هئي ۽ ڇ?? 12 ??ياسي پارٽين کي نه ٻڌو ويو. هن چي?? ته اليڪشن ڪڏهن ڪرائڻي آهي ان جو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، عمران خان کي اهو فيصلو ناهي ڪرڻو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته اختيارن جو ناجائز استعمال، آئين جي مرضي موجب تشريح، رد ٿيل پٽيشن تي ٽي رڪني بئنچ ٺاهي ڏنل فيصلو ڪنهن صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي. هن چي?? ته ملڪ ۾ اليڪشن آئيني طريقي سان ٿيڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته قومي سلامتي ڪميٽي جو تفصيلي اجلاس ٿيو جي??و چار ڪلاڪن تائين جاري رهيو، ان اجلاس ۾ دهشتگردي جي لهر جو به جائزو ورتو ويو، دهشتگردي 2018ع ۾ ختم ٿي وئي هئي، قومي ايڪشن پلان نواز شريف ڏنو، 2018ع کانپوءِ اها ئي دهشتگردي عمران خان جي ڪري واپس آئي، دهشتگردن کي دعوتناما موڪلي عمران خان آباد ڪرايو. هن چي?? ته جي??ي قربانيون اسان جي هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام ڏنيون هيون، ان جي لاءِ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون. هن چي?? ته گهرو وزير امن امان بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته قومي ايڪشن پلان تي ٺوس عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چي?? ته تڪراري فيصلي جي واپسي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ان تي ڪيئن توهين عدالت ٿي سگهي ٿي. هن چي?? ته چار ججز جي فيصلي کانپوءِ واضح ٿي ويو آهي ته ڪا پٽيشن ئي نه آهي، ان تي چي?? جسٽس پاڻ پنهنجي سربراهي ۾ بئنچ ٺاهي فيصلو ڪري ڇڏيو.
جسٽس اطهر من الله جي فيصلي کانپوءِ چار ججز جو فيصلو مڪمل ٿي چڪو آهي، پارليامينٽ ۽ 12 سياسي پارٽيون جيڪو چئي رهيون هيون اهو فيصلو ان جي توثيق آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará