ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ا??بڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ??فغ??نستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين ا??لاس جي موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سان م??لڪ??ي وزير جي ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۽ پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي اتفاق ڪيو. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ غذائي تحفظ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ پرامن، مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال ??فغ??نستان جي گڏيل مقصدن کي فر??غ ڏيڻ جي لاءِ ويجهي مشاورت جي اهميت تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين شنگهائي تعاون تنظيم تحت مختلف اقتصادي قدمن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی