مظفر آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ??ار?? عالمي قانونن ۽ اخلاقيات جون ڌڄيون اڏائيندي معصوم ۽ بيگناهه ڪشميرين جي امنگن جي ابتڙ ڏاڍ، ظلم ۽ تشدد ۽ دهشتگردي جي ذريعي ڪسمير ۾ پنهنجي فوج لاهي رياست جي هڪ وڏي حصي تي جابراڻو قبضو ڪيو ۽ ان کانپوءِ انساني حقن جي خلاف ورزينجو اهڙو دور شروع ٿيو جو ڪشميرين کي انهن جي بنيادي انساني حقن کان ئي محروم ڪيو ويو، 27 آڪٽوبر تي خوني لڪير جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري، والاريل ڄمون ڪشمير تي ??ار?? جي غاصباڻي قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ڪشميري عوام ڪڏهن به ??ار?? جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪيو، 1947ع ۾ عوامي بغاوت جي ذريعي ??ار?? جي غاصباڻي قبضي جي خل??ف آزادي جي جدوجهد شروع ڪئي جنهن سان ??ار?? بوکلائجي ويو، ??ار??ي حڪومت پهرين جنوري 1948ع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان رجوع ڪيو ۽ گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو جنهن تي گذريل 76 سالن کان عملدرآمد ڪرڻ ک??ن انڪاري آهي ۽ مس??سل رياستي ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميرين جي دلين مان آزادي جي تڙپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته والاريل واديءَ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿو گذري جڏهن ڪشميرين تي ظلم نه ٿيندو هجي، معصوم ڪشميرين تي اهڙا ظلم ڪيا ويا آهن جو جن س??ن انسانيت به شرمسار ٿي وئي آهي، ??ار?? لکين ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو، هزارين بيگناهه نوجوانن کي قيد ڪري رکيو آهي، حريت قيادت مصيبت خانن ۾ رياستي ڏاڍ جو مقابلو ڪري رهي آهي، هزارين عورتن جي لڄ لٽي وئي آهي جڏهن ته روزانو ڪشميرين جي ملڪيتن کي تباهه ڪيو پيو وڃي، انساني تاريخ جي بدترين ظلمن جي باوجود ڪشميرين جو حوصلو بلند آهي ۽ انهن جي جذبي ۾ ذرو برابر به گهٽتائي ناهي آئي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي جابراڻي قبضي کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ ??ار?? پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرآئيني غيرقانوني ۽ غيراخلاقي قدمن کانپوءِ زمينن جي قانون ۾ تبديلي ڪري پنهنجي قابض فوج کي ڇانوڻين جي لاءِ والاريل واديءَ ۾ زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، اڳوڻن ??ار??ي فوجين جي لاءِ ڪالونيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ اسرائيل جي طرز تي والاريل ڪشمير ۾ مذهبي نفرت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسيمبلي سيٽن ۾ حدبندي ڪميشن جي ذريعي ڦيرڦار ڪري مس??مانن کي نمائندگي جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي، ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي دٻائڻ جي لاءِ ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ دنيا کان والاريل ڪشمير جي ??ور??حال لڪائڻ جي لاءِ ميڊيا تي سخت پابنديون هنيون ويون آهن.
ڪشميري عوام ڪڏهن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبول نه ڪندي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : راکی