اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي و??ري نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي غير معمولي ڪارڪردگيءَ ??و مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ميرٽ ايوارڊ سان نوازيو. هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن اين ايف ايف ميرٽ ايوارڊ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ملڪ کي مالياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ معياري ۽ هنر تي ٻَڌل تعليم جي اهم ڪردار تي زور ڀريندي و??اقي و??ير ٻارن جي روشن مستقبل جي جوڙجڪ ۾ استادن جي اهميت تي زور ڀريو. وفاق وزير مدد علي سنڌي 30 شاگردن جي شاندار ڪاميابين کي ساراهيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري و??ارت جي شعبن جي سربراهن والدين شاگردن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. وفاقي و??ير ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ قومي ترقيءَ جي پيڙهه جو بنياد آهي. موجوده دؤر ۾ ڪابه قومي معيار?? تعليم جي عزم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته وفاق?? تعليم ۽ پيشوراڻي و??ري و??ارت جي قدمن سان ملڪ ۾ تعليم جي حالتن ۾ بهتر ايندي. کدڙن فقيرن جي ڪمينيوٽيءَ کي مفت بنياد ۽ هنر تي ٻَڌل تعليم فراهم ڪرڻ تي نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ج?? ڪوششن کي ساراهيندي هن فائونڊيشن ۽ تعليم واري و??ارت جي ان مؤثر آگاهي ۽ اسلام آباد ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا جي مهم ۽ او او ايس سي ج?? تعريف ڪئي.
نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي غير معمولي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ شاگردن کي نيشنل ايجوڪيشن فائونڊيشن ميرٽ ايوارڊ سان نوازيو
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا