راولپنڊي-06 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپر??شن دوران 3 دهشتگرد مار??ي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگيءَ جي اطلاع تي خيبر ضلعي جي علائقي تيراه ۾ انٽيليجنس تي ٻَڌل آپر??شن ڪيو. آپر??شن دوران ليفٽيننٽ ڪنرل جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج جي جوانن دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مار??ي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪنرل محمد حسن حيدر عمر 43 سال رهائش اسلام آباد، نائيڪ خوشدل خان عمر 31 سال رهائش ضلع لڪي مروت، نائيڪ رفيق خان عمر 27 سال رهائش ڊسٽرڪٽ چارسده ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر عمر 33 سال رهائش مري شهيد ٿي ويا. علائقي ۾ ڪن??ن به دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپر??شن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اسان جي بهادر سپاهين جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
سيڪيورٽي فورسز جي تيراه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا، 3 زخمي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ جنرل ڪرنل محمد حسن حيدر سميت پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش