اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گ??رو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گ??رو وزارت جي ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آباد ۽ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو. گ??رو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد گ??رو وزير سان گڏ هئا. ڪنٽرول روم تي آمد تي ڪوآرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان گ??رو وزير کي ملڪ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني. گ??رو وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ پولنگ جو عمل سٺي طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪو وڏو ناخوشگوار ??اقعو پيش ناهي آيو، ٽانڪ ۾ ڪوئيڪ ريسپانس فورس تي حملي ۾ هڪ جوان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته پولنگ جي عمل جي ڪڙي نگراني جاري آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي سان مڪمل ٿيندو. بعد ۾ گ??رو وزير ڪامن ويلٿ جي آبزرور مشن جي سربراهه جوناٿن سان گڏ سيف سٽي اسلام آباد جو دورو پڻ ڪيو ??تي آءِ جي اسلام آباد شهر ۾ امن امان ۽ پولنگ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏن??. آ??ِ جي اسلام آباد ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ چونڊن جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي، في الحال ڪا شڪايت ناهي ملي.
نگران وفاقي گهرو وزير طرفان ڪنٽرول روم، سيف سٽي اسلام آباد پولنگ اسٽيشن جو دورو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی