اسلام آباد- 13 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني سان گڏ نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۽ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (??يف آءِ اي) هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو، جتي اعليٰ عملدارن کيس اداره جاتي معاملن تي بريفنگ ڏني. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق نادرا هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر گهرو وزير جي آجيان ڪئي. نادرا عملدارن طرفان گهرو وزير کي اداري بابت بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير چيو ته نادرا انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جو حامل ادارو آهي ۽ اسان جو اهم قومي اثاثو آهي. گهرو وزير چيو ته شناختي دستاويز کي حاصل ڪرڻ شهرين جو بنيادي حق آهي ۽ ان سلسلي ۾ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ??يف آءِ اي جي دؤري جي موقعي تي ڊي جي ??يف اءِ گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ??يف آءِ اي عملدارن گهرو وزير کي بريفنگ ڏني.
گهرو وزير پاران نادرا ۽ ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری