اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام مليا آهن. چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي اسحاق ڊا?? کي پاڪستان جو پرڏيهي وزير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته چيڪ ريپبلڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان دوستاڻا ۽ تعميري لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي پرڏيهي وزير موسي ضمير پڻ پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? کي مبارڪباد ڏيندي ان يقين ج?? اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ??يندا. يوڪرين جي پرڏيهي وزير ديميٽرو ڪوليبا اسحاق ڊا?? کي پاڪستان جي 39 هين پرڏيهي وزير طور مقرري تي مبارڪباد ڏيندي کيس انتهائي ذ??يواراڻي مشن ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو. هن چيو ته آئون يوڪرين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي ۽ عالمي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو منتظر آهيان. پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? پنهنجي پوسٽ ۾ چيڪ ريپبلڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي جي مبارڪباد جي پيغام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئون گڏيل فائدي جي لاءِ پاڪستان ۽ چيڪ ريپبلڪ جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو منتظر آهيان.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي عهدو سنڀالڻ تي مختلف ملڪن جي هم منصبن پاران مبارڪباد جا پيغام
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا