واشنگٽن -16 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي، ته آءِ ايم ا??ف ۽ عالمي بئنڪ جهڙن ادارن کي ??اح??لياتي تبديلين وارن متاثر ملڪن ۾ مالياتي شموليت ۽ ??اح??لياتي لحاظ کان موذون ڍانچي وار منصوبن ۾ سهڪار لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. عالمي مالياتي فنڊ سان گڏيل اعتماد سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس ۽ سيڙپ??ار?? جي شرح کي 15 سيڪڙو جي سطح تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سيڙپ??ار?? ۾ واڌ لاءِ سنگاپور ۽ دبئي جيئان اسان کي به سوچ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اسان کي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ڊي سي ۾ امريڪي ٿنڪ ٽينڪ (ايٽلانٽڪ ڪائونسل) جي پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. هن چيو ته هن سال معيشت جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. ايس بي اي پروگرام سبب معيشت جي استحڪام ۾ مدد ملي، جي ڊي پي درست رخ تي آهي، زراعت ۾ 5 سيڪڙو اوسر ٿي، خدمتن جي شعبي ۾ به اوسر ٿي آهي. ناڻي واڌ جي شرح 37 سيڪڙو جي بلند ترين سطح کان 20 سيڪڙو جي شرح تي آئي آهي. آءِ ايم ا??ف سان ڳالهين ۾ اوسر جي رخن کي اهميت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته حڪمراني ۾ بهتري سبب معاملا بهتري طرف وڃي سگهن ٿا. ڪوشش هوندي ته پنهنجي گذريل تجربي کي ملڪي بهتري لاءِ استعمال ۾ آڻيون.ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي، ته جي ڊي پي جي شرح سان ٽيڪس جي شرح کي 15 سيڪڙو ۽ اهڙي ريت جي ڊي پي جي شرح سان سيڙپ??ار?? جي شرح کي به 15 سيڪڙو جي سطح تائين آندو وڃي. اسان کي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ۽ نج??ار?? جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائڻو آهي. هي اهي معاملا آهن جيڪي اسان جي معيشت لاءِ انتهائي ضروري آهن ۽ انهن معاملن تي آءِ ايم ا??ف سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، جيڪڏهن اسان ڍانچي وار سڌارن تي عمل نه ڪيو ته اسان کي مستقبل ۾ به آءِ ايم ا??ف تي ڀاڙڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ا??ف مشن سان گذريل ڳالهيون ها??ار?? ۽ تعميري رهيون، اسان گڏيل اعتماد سان اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. ايس بي اي پروگرام جي حوالي سان پاڪستان سمورن نقطن تي عمل ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڊگهي مدي جي بنيادن تي ٽيڪس ليڪيجز کي بند ۽ ٽيڪس بابت ڪيسن کي ٽربيونل ذريعي جلد اڪلائڻ چاهيون ٿا. ان سان گڏوگڏ ٽيڪس جي بنياد ۽ دائري ۾ توسيع اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. صنعت، خدمت، ريٽيل هول سيلز ۽ زراعت جو جي ڊي پي ۾ جيڪو حصو آهي، ا?? ئي شرح سان ٽيڪس جي شرح ناهي، ان سلسلي ۾ اسان ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون. ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽائڻ لاءِ اثرائتي انداز ۾ ڪم ٿي رهيو آهي جنهن سان نظام ۾ شفافيت ايندي، خرچن تي ضابطو آڻڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي اسان ايتري مالي گنجائش پيدا ڪري سگهون ٿا جنهن سان چائلڊ اسٽنٽنگ ۽ ٻين عوامي مسئلن جي حل لاءِ وسيلا دستياب ٿي سگهن ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته سيرپ??ار?? لاءِ پاليسيون موجود آهن پر انهن تي عمل جي ضرورت آهي، اسان کي ون ونڊوز ذريعي نه رڳو پرڏيهي پر ملڪي سيڙپ??ار?? کي به سيڙپ??ار?? طرف آڻڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ان سان روزگار جا موقعا وڌندا. هن چيو ته مالياتي انڪلوزن ۽ ??اح??لياتي تبديلي ٻه اهم معاملا آهن، آءِ ايم ا??ف ۽ عالمي بئنڪ جهڙن ادارن کي پاڪستان جهڙي ??اح??لياتي تبديلين جي متاثر ملڪن ۾ مالياتي شموليت ۽ ??اح??لياتي لحاظ کان موذون ڍانچي وار منصوبن ۾ سهڪار لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ ??ار??بار ڪندڙ آءِ ٽي ڪمپنين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.
آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جهڙن ادارن کي ماحولياتي تبديلين جو متاثر ملڪن ۾ مالياتي شموليت ۽ ماحولياتي لحاظ کان موذون ڍانچي وار منصوبن ۾ سهڪار لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ