اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) ناڻ?? واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسميا??ي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر ??نصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اڪيومن پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪلائميٽ ايڪشن فار پاڪستان جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻ?? واري وزير چيو ته موسميا??ي تبديلين سبب دنيا جا ڪيترائي خطا متاثر ??ي رهيا آهن. پاڪستان موسميا??ي تبديلين سبب متاثر ??يندڙن ملڪن ۾ سڀ ??ان مٿي آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ موسميا??ي تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني ??ي تباهي ٿي، ان ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن ??ان وڌيڪ جو نقصان پهتو. ناڻ?? واري وزير چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن ۽ عالمي ادارن پاڪستان لاءِ اٽڪل 9 ارب ڊالرن ??ان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪيو تنهن هوندي به پاڪستان کي اعلان ڪيل مدد موجب فنڊ نه مليا. هن چيو ته موسمياتي فنانسنگ لاءِ موثر ??نصوبا بڻائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان حوالي سان نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻ?? واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي انتظامي ??ور?? سان موسمياتي فنانسنگ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسان کي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف جو انتظامي ??ور?? اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. ناڻ?? واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. پائيدار اقتصاد?? واڌ ۽ ترقي لاءِ سڌارن جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس جي نظام ۾ واڌارو، نظام ۾ شفافيت، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آهي. ناڻ?? واري وزير چيو ته آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ وسيلن ۾ به اضافو ضروري آهي، پاڪستان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.
موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : resultados loteria ریو ڈی جنیرو