اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته وفاقي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ علائقائي ??رقي صوبن جي ذميواري آهي، پر ان جي باوجود وفاقي حڪومت مختلف ضلعن ۾ صوبن سان گڏجي ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آهن، سکر –حيدرآباد موٽر وي منصوبي جي حوالي سان چين سان ڳالهيون جاري آهن جهڙي طرح به ممڪن ٿيو اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آغا رفيع الله جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته بنا شڪ جي ترقي جي حوالي سان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ فرق ڏٺو وڃي ٿو. هن چيو ته پي ايس ڊي پي جو ڳاڻيٽو 1400 ارب کان گهٽجي 1100 ارب تائين اچي ويو آهي، ممڪن آهي ان ۾ اڃان به گهٽتائي ??چي ڇاڪاڻ ته وفاق جي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن ۾ هليو ويندو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڍانچاجاتي سڌارن جو عمل جاري آهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ اسان جي ترقي جون ضرورتون تبديل ٿي ويون آهن، وفاقي ترقياتي بجيٽ جو ڳاڻيٽو گهٽجڻ باوجود وفاقي حڪومت ملڪ جي 20 ضلعن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ??ڪومتن جي شراڪت سان ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آهن. آءِ ايم ??يف سان فريم ورڪ سبب وزيراعظم عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وجهڻ چاهي ٿو، 2018ع ۾ صوبائي نوعيت جي منصوبن جو پي ايس ڊي پي ۾ ڳاڻيٽو 15 سيڪڙو هو جيڪو هاڻي 40 سيڪڙو تائين اچي ويو آهي، پر وفاقي حڪومت جي وسيلن ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ??ئي ??هي. هن چيو ته بنيادي طور تي علائقائي ??رقي صوبن جي دائري ڪار ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر شازيه ثوبيه جي ضمني سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پي ايس ڊي پي جي ورڇ صوبائي ??نيادن تي ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ بجلي جو ڪو منصوبو لڳي ٿو ته ان جو فائدو پوري ملڪ کي ٿئي ٿو،گذريل بجيٽ جي موقعي تي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان لاءِ سڀ کان وڌيڪ منصوبا رکيا ويا هئا، هڪ ٻئي ??وال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي – حيدرآباد سپر هاءِ وي کي موٽر وي ب??اي?? ويو آهي پر اسان اهو سمجهون ٿا ته اهو ڪافي ناهي، چين جي مدد سان ڪراچي – حيدرآباد نئين موٽر وي منصوبي جي فزيبلٽي ٺاهي پئي وڃي. سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبو جيڪو اسان جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ ختم ڪيو ويو هو هاڻي ان منصوبي جي تڪميل لاءِ چين سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اعجاز جک??اڻ?? جي سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته اسان کي ترقي جي عمل کي وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي به حصيدار بڻائڻو پوندو. سکر – حيدرآباد موٽر وي منصوبي لاءِ اسان وٽ ٻئي ??پشن موجود آهن آهن جيڪو بهتر لڳو ان منصوبي کي مڪمل ڪيو ويندو.
وفاقي اوڳاڙين جو 100 سيڪڙو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔