اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي، پاڪستان هر سال وانگر هن سال به ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن سميت ٻين معاملن کي اجاگر ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن ب??گلاديش جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس جي بيان ت?? ردعمل ۾ چيو ته پاڪستان سدائين ب??گلاديش سان مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارن لاڳاپن ج?? خواهشمند رهيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ج?? عوام جي وچ ۾ زبردست خيرسگالي موجود آهي ۽ توسيع ٿيل تعاون خطي ۾ علائقائي امن ۽ دوستي ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين ڊگهي مدي واري تعاون سان گڏ هڪ جهڙي موسم رکندڙ پارٽنرز آهن. پاڪستان چين سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ڀارتي پرڏيهي معاملن واري وزير جي ڄمون ۽ ڪشمير با??ت تازي بيان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاڪستان ج?? ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته هو ڪنهن ب?? اهڙي بيان کي واضح طور تي رد ڪن ٿا جنهن ۾ اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪطرفي طور طئي ٿيو آهي يا ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جنهن کي گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت متوقع آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری