اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين وارن بئنڪ نوٽن جي سيريز ج?? ڇپائي جو عمل شروع ڪيو ويندو. اسٽ??ٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسٽ??ٽ بئنڪ هلندڙ سال جنوري ۾ نون بئنڪ نوٽن جي سيريز ج?? موضوعاتي ڊزائين ۽ آئيڊياز لاءِ آرٽ جي مقا??لي جي اعلان سان گڏ بئنڪ جي نون نوٽن جي سيريز ج?? ڊزائيننگ جو عمل شروع ڪيو هو، آرٽ مقا??لي جو مقصد مقامي فنڪارن جي حوصلا ا??زا??ي ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي لاڳو بهترين ضابطه عمل موجب ڊزائين جي تياري جي عمل ۾ عوام کي شامل ڪرڻ هو. مقامي فنڪارن طرفان جمع ڪرايل ڊزائينن جو جائزو معزز ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي ورتو ۽ ان مقا??لي جي فاتح انٽريز ج?? اعلان 5 سيپٽمبر تي ڪيو ويو. آرٽ جي مقا??لي جي انهن نتيجن جي اعلان کي ميڊيا ۽ ڪجهه عوامي حلقن طرفان نون بئنڪ نوٽن جي سيريز ج?? ڊزائينن جي شارٽ لسٽنگ طور تي تعبير ڪيو ويو، تنهن هوندي به آرٽ مقا??لي جي نتيجن جو اعلان ڪرڻ جو مقصد رڳو فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ انعامن سان نوازي انهن جي حوصلا ا??زا??ي ڪرڻ هو. تجويز ڪيل نئين سيريز ج?? حتمي ڊزائين چٽاڀيٽي جي عمل ذريعي چونڊيل مشهور عالمي ڪمپنين طرفان ڊزائين ڪئي پئي وڃي. اهي ڪمپنيون هلندڙ سال ڊسمبر تائين نئين ڊزائين لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون ۽ اسٽ??ٽ بئنڪ بورڊ طرفان منظور ڪيل ڊزائيون جنوري 2025ع تائين حتمي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت کي پيش ڪيون وينديون. اسٽ??ٽ بئنڪ وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين جي بئنڪ نوٽن جي سيريز ج?? ڇپائي جو عمل شروع ڪندي.
وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين وارن بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ٿيندو: اسٽيٽ بئنڪ
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada