ملتان-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سي?? يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ۽ انهن کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن سرڪٽ هائوس ۾ پنجاب جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ??وا?? هاشم رباني سان ملاقات دوران ڪئي. قومي اسيمبليءَ جو ميمبر علي موسيٰ گيلاني ۽ اڳوڻو ايم ??ي اي سيد مجتبيٰ گيلاني ب?? ان موقعي تي موجود هئا. چيف سيڪريٽري ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين کي ڏکڻ پنجاب ۾ جاري رٿائن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. سي?? يوسف رضا گيلاني ان موقعي تي چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي شفافيت تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ملتان ۾ جن سرڪاري ادارن جي آفيسرن جون بدليون ٿيون اتي مستقل آفيسر مقرر ڪ??ڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي سفارشون موڪليون وڃن. مزارن جي سيڪيورٽي جا ب?? انتظام ڪيا وڃن ۽ قلعه ڪهنه قاسم باغ ۽ ڀرپاسي ۾ حددخلين جو خاتمو ڪيو وڃي. سينيٽ چيئرمين ٻُڌايو ته سندس سفارش تي اٽلي جي حڪومت تاريخي قلعي کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ 10 ملين ڊالرن جا فنڊز فراهم ڪيا هئا پر اهي فنڊ به مڪمل طور تي خرچ نه ٿي سگهيا جنهن تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي رٿائن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي: سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : apostas quina