اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پا??ست??ن ۽ روس گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقع?? تي جمهوريه روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي وزيراعظم ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پا??ست??ن ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ماسڪو جي پهرئين دوري جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪو سندس ڪنهن به ملڪ جو پهريون دورو هو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي يادن کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف روس سان ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي ڳالهه ٻولهه ک?? تيز ڪرڻ ج?? پا??ست??ن جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳوڻن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف برڪس ۾ پا??ست??ن جي لاءِ تعاون تي روسي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن هلندڙ سال جولاءِ ۾ آستانه ۾ صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي لاڀائتي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن دوران هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ تي اتفاق ڪيو هو. وزيراعظم پا??ست??ن ۽ روس جي وچ ۾ مواصلاتي رابطن جي فروغ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي اهميت تي زور ڏنو. روسي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سدربراهه اجلاس جي لاءِ پا??ست??ن پاران ڪيل شاندار انتظامن کي ساراهيو. هن پا??ست??ن جي حڪومت ?? پا??ست??ني عوام پاران روسي وفد جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نواز?? تي ٿورا مڃيا. هن ملاقات ۾ روس پا??ست??ن تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي نئين بلندين تي پهچائڻ جي پنهنجي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي وزيراعظمن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ روسي ۽ اردو زبان جي تدريسي مٽاسٽا ۽ سيڙپڪاري ۽ واپار جي سهولت جي لاءِ بئنڪنگ شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي پڻ اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ روس پاران گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا