وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير اسد عمر جي ملاقات


APP50-01 ISLAMABAD: June 01 – Minister for Planning Asad Umar and Governor Sindh Imran Ismail called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پئڪيج جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جي وفاقي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

متعلقہ مضامین