جنيوا – 11 ڊسمبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) جي 34 رڪني ايگزيڪيوٽو بورڊ هڪ ٺهراءُ جي متفقه منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ غزه ۾ فوري ۽ بنا روڪ انساني ام??اد جي پهچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. انڊيپنڊنٽ اردو مطابق اهو ٺهراءُ افغانستان، مراڪش، قطر ۽ يمن پيش ڪئي هئي ۽ ان جي آمريڪا سميت سمورن 34 ميمب?? ملڪن حمايت ڪئي. اهو ٺهراءُ اهڙي وقت منظور ٿيو آهي جڏهن ڊبليو ايچ او جي سربراهه م??ابق ان جي طبي عملي کي غزه ۾ ناقابل تصور صورتحال درپيش آهي. ٺهراءُ ۾ فوري طور تي انساني ام??اد کان علاوه م??يضن لاءِ ايگزٽ پرمٽ جاري ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. ڊبليو ايچ او جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس چيو ته اداري جو ايگزيڪٽو بورڊ غزه جي صورتحال تي پهريون متفقه حل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. ٺهراءُ ۾ شهري آبادي کي دوائن ۽ طبي سامان جي فراهمي ۽ طبي علاج تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ڊبليو ايچ او جي ايگزيڪيوٽو بورڊ غزه ۾ انساني امداد تائين پهچ جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ جي اتفاقراءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج