پيرس -23 سيپٽمبر (اي پي پي ) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون چيو آهي ته يورپ کي مستقبل ۾ روس سان پنهنجن ناتن تي نظرث??ني ڪرڻي پوندي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن پيرس ۾ امن بابت هڪ عالمي ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي چيو ته اسان کي ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي يورپ ۾ امن بابت سوچڻ گهرجي. يورپ رڳو يورپي يونين ۽ نيٽو تائين محدود ناهي. هن چيو ته اسان يورپي سياسي برادري کي ترقي وٺرائڻ ج?? ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر اسان کي يورپ جي هڪ نئين تنظيم جي باري ۾ سوچڻ ۽ پوءِ روس سان ناتن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. هن يورپي ۽ عالمي قوم تي زور ڀريو ته هو ان ڳالهه تي ڌيان ڏين ته عالمي نظام ??ي ڪيئن بهتر بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ