واشنگٽن-06 نومبر (اي پ?? پي) عالمي خلائي اسٽيشن تي رهندڙ خلائي تحقيق جي آمريڪي اداري ناسا جي خلابازن آمريڪي صدارتي چونڊ ۾ خلا م??ن ووٽ ڪاسٽ ڪري تاريخ لِکي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خلائي مسافر بچ ولمور ٽينيسي ٽيڪ يونيورسٽيءَ ۾ ڳالهائيندي خلا م??ن ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي تجربي جو ذڪر ڪيو. واضح رهي ته ناسا جا چار خلاباز هن وقت زمين جي مدار ۾ موجود عالمي خلائي اسٽيشن تي رهندڙ آهن. جن چئني خلابازن پن??نجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ ايبسنٽي بيلٽ جي درخواست ڪئي هئي. اهو قدم خلابازن طرفان خلا ۾ قيام باوجود پن??نجي شهري فرضن جي ادائگيءَ س??ن وابستگيءَ کي اجاگر ڪري ٿو. خلا م??ن ووٽنگ ناسا جي نيئر اسپيس نيٽ ورڪ ذريعي ممڪن بڻائي ويندي آهي، جيڪا خلائي اسٽيشن ?? مشن ڪنٽرول وچ ۾ ٻي ڊيٽا جي ڏي وٺ وانگر آءِ ايس ايس کان زمين تي بيلٽ منتقل ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی