اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) نئين اسلام آباد ايئرپورٽ سان نه رڳو وفاقي گادي واري شهر پر خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي وڏن حصن لاءِ به فضائي سفر ۾ سهولت دستياب هوندي، وزيراعظم جي هو??بازي واري صلاحڪار سردار مهتاب جي قيادت ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) نئين منصوبي کي هڪ چئلينج سمجهي مڪمل ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ هڪ عالمي معيار جو ايئرپورٽ حقيقت جو روپ ڌاري چڪو آهي، نئين اسلام آباد ايئرپورٽ سان ملڪ جي ٻين ايئرپورٽس تي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي معياري خدمتن جي فراهمي ۾ رهنمائي حاصل ٿيندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نئين اسلام آباد ايئرپورٽ جو افتتاح ڪندي چيو ته هي اسان جي حڪومت جون ڪاميابيون آهن ته ان سان نه رڳو سول ايوي ايشن پر معيشت جي ٻين شعبن ۾ ڪيترائي وڏا منصوبا مڪمل ڪيا آهن جنهن ۾ 1700 ڪلومي??ر ڊگهي موٽر ويز جي تعمير تي ڪم جاري آهي ان کانسواءِ پشاور کان ڪراچي هاءِ وي کي مڪمل ڪرڻ کانسواءِ ملڪ جي سمورن صوبن ۾ هزارين ڪلومي??ر ڊگهي شاهراهن جي تعمير ڪئي وئي آهي.
حڪومت ڪيترائي وڏا منصوبا مڪمل ڪيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ