اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ۾ شهباز شريف جي ڪرد??ر تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف ۽ پي ايم ايل (ن) پي اي سي کي بدعنواني جي ڪيسن جي خلاف هڪ ڍال طور استعمال ڪ??ي رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اين آر او ممڪن نه آهي، ڪنهن سان به نه ڊيل ٿيندي ۽ نه وري ڍر ڏني ويندي، بدعنواني جي ڪيسن ??ي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ پن??نجي وڊيو پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر قيادت جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات