اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته هڪ نصاب هڪ قوم بڻائيندو، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ هڪ اهم خدمت آهي. وزيراعظم ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاذح ڪ??و، ريڊيو اسڪول جو منصوبو اطلاعات واري وزارت ۽ تعليم واري وزارت جي حصيداري ??ان شروع ڪيو ويو آهي. ان سان ملڪ کي ڏورانهن علائقن ۾ به ڪورونا وبا جي ڪري معطل ٿيندڙ تعليمي سلسلي کي بحال رکي سگهبو. تقريب ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم واري پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پوري ??نيا هن وقت ڪورونا جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان جي ڪري ??عليمي عمل به متاثر ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته تعليم ۽ اطلاعات واري وزارت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته انهن تعل??م جي سلسلي کي جاري ??کڻ جي لاءِ بهتر قدم کنيا آهن جن سان تعليمي عمل تي وبا جي ڪري پوندڙ منفي اثرن ۾ گهٽتائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ان عمل ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال خوش آئنده آهي. ان سان ڏورانهن علائقن ۾ معياري ??عليم پهچائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته هاڻي اسان کي خاص طور تي ڏورانهن علائقن ۾ استادن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو جنهن سان انهن علائقن جي تعليمي معيار ۾ بهتري ??يندي. وزيراعظم چيو ته هڪ جهڙو نصاب تعليم واري وزارت جي هڪ تمام وڏي ڪاميابي ۽ انقلابي قدم آهي. ان سان هيٺئين طبقن کي به تعليم ۽ اڳتي وڌڻ ??ا هڪ جهڙا موقعا ملندا. وزيراعظم نيشنل ايجوڪيشن پاليسي کي به جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته فني تعليم پڻ تمام ضروري ??هي. وزيراعظم چيو ته مون گورنمينٽ ڪاليج جي پهرين پرنسپل جي ڪتاب جو مطالعو ڪيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته 1897ع کانپوءِ ڪيئن انگريزن مسلمانن جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو، ان وقت ديني مدرسن ۾ هندو ۽ سک به تعليم حاصل ڪندا هئا جڏهن ته اتي جديد تعليم پڙهائي ويندي هُئي پر بعد ۾ ديني مدرسن کي آئسوليٽ ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي گادي واري ??هر اسلام آباد کي تعل??م جي حوالي سان ماڊل بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته موجوده تعليمي نظام هيٺئين طبقي کي مٿي اچڻ کان روڪي ٿو جڏهن ته انهن جي صلاحيتن کي محدود ڪري ٿو. ٽيلي اسڪولنگ جي قدمن سان شاگردن جي لاءِ 0 ڪلاڪ جي نشريات جاري ??هندي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي تعليم پورٽل جي ترويج جي لاءِ آگاهي مهم ۾ ”فيس بڪ“ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت سان حصيداري ڪري ??هيو آهي. ان مهم جو مقصد عوام کي ”اي تعليم پورٽل“ ۽ ان تي موجود تعليمي مواد کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن شاگرد ۽ والدين ان مان هر مممڪن فائدو کڻي سگهن.
وزيراعظم عمران خان پاران ريڊيو اسڪول ۽ اي تعليم پورٽل جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز