اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان خط لکي چيو آهي ته هو عورتن جي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ح??وم?? ۽ سول سوسائيٽي جي ڪوششن جو ساٿ ڏين ته جيئن مڪمل معلومات جلد ??ڃاڻپ وقت سر علاج جي ذريعي قيمتي انساني جانين کي موذي مرض جو شڪار ٿيڻ کان بچائي سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ عورتن ۾ ڪينسر جا 44 سيڪڙو ڪيس ڇاتي جي ڪينسر جا آهن، جلد ??ڃاڻپ ٿيڻ سان مرض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو امڪان 98 سيڪڙو ??هي، هن چيو ته معاشري ۾ منع ٿيل موضوع هجڻ جي ڪري عورتون مرض جي جلد ??ڃاڻپ ناهن ڪرائي سگهنديون آهن، جلد ??ڃاڻپ نه هجڻ سبب ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا 50 سيڪڙو ??ورتون زندگي تان هٿ ڌوئي وهينديون آهن، صدر عورتن کي هر ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. آگاهي نه هئڻ ۽ پوءِ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ۾ دير جهڙا معاملا ڇاتي جي ڪينسر کان وڌيڪ موت جو شرح جو سبب بڻجندا آهن. دير سان مرض جي سڃاڻپ ٿيڻ جي ڪري هڪ لک مان 50 هزار عورتون فوت ٿي وينديون آهن، صدر چيو ته بيگم ثيمنه علوي ۽ سندس ٽيم ڇاتي جي ڪينسر بابت آڪٽوبر ۾ ماڻهن کي آگاهي لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا آهن انهن پروگرام ۾ پاڻ مرض جي سڃاڻپ ۽ مرض جي وقت سر سڃاڻپ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا گذريل سال ماڻهن کي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ موثر آگاهي مهم هلائي، ميڊيا خبرن، ٽاڪ شوز، ڪالمز ۽ ايڊيٽوريل جي ذريعي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر چيو ته ميڊيا ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ح??وم?? ۽ سول سوسائيٽي جي ڪوششن جو ساٿ ڏي. ميڊيا تنظيمون ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوگو کي (گلابي) رنگ ڏئي، هن چيو ته اجتماعي ڪوششون عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت مڪمل آگاهي، مرض جي جلد ??ڃاڻپ ۽ ان جي باري ۾ باقاعدگي علاج جي حوالي سان مددگار ثابت ٿيندي.
صدر پاران ميڊيا کي ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي حوالي سان خط
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania