سرگوڌا – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به اڄ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون ت??ريبون منعقد ڪيون وينديون. ڊويزنل انتظاميا جي اهتمام ه??ٺ سيمينار آرٽس ڪائونسل ڪمپليڪس هال ۾ ٿيندو جنهن جي صدارت ڪمشنر مريم خان ڪندي. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر کانسواءِ سرڪاري ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين، امن ڪميٽي جي ميمبرن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ک?? گهرايو ويو آهي. سيمينار جي پڄاڻي تي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي قيادت ۾ جي پي او چوڪ تائين احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي. ان ڏس ۾ سرگوڌا آرٽس ڪائونسل جي هال ۾ ڪشميرين ت?? ڀارتي ظلمن جي عڪاسي جي لاءِ تصويري نمائش پڻ ??ڳائي ويندي. ڏينهن جي شروعات صبح جو مسجدن ۾ ڪشميري شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ دعائن سان ٿيندي. سوشل ميڊيا، ڪيبل نيٽ ورڪ ۽ مقامي چينلز کانسواءِ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حوالي سان وڊيوز ۽ دستاويزي فلمون پڻ ??شر ڪيون وينديون ۽ عوام ۾ ڪاري ڏينهن ک?? اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پمفليٽ پڻ ??رهايا ويندا.
ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي ملڪ وانگر سرگوڌا ۾ به ڪاري ڏينهن جي موقعي تي احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون وينديون
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری