لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روس جي ??وانائي واري وزير نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ??رقي جي لاءِ توانائي جي ??عبي جي ??همي?? تي اتفاق ڪيو، روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي ??جيان ڪندي وزيراعظم روس سان لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهمي?? تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ??ن ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. روس جي ??وانائي وزير وزيراعظم کي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ روس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ??رقي جي لاءِ توانائي جي ??عبي جي ??همي?? تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم 20 جنوري 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ روس بين ال??ڪومتي ڪميشن جي ??جلاس جي ??ٺين دور جي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
وزيراعظم سان روس جي توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ وفد جي لاهور ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون