اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوص?? ماڻهن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذوري جي درجابندي جي لاءِ هڪ معياري ۽ مستقل نظام جوڙڻ گهرجي جنهن سان خصوص?? ماڻهن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ??مڪ?? ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذوري جي درجابندي ۽ شدت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت، صحت واري وزارت، خصوص?? ماڻهن جي حقن بابت ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر خصوص?? ماڻهن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوص?? ماڻهن جي معذوري جي نوعيت ۽ شدت ۽ انهن جي هنر موجب مناسب نوڪرين طرف رهنمائي ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوص?? ماڻهن جي رهنمائي جي لاءِ اعليٰ سطح تي هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي ضرورت آهي، ڪميٽي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر ۽ ٻين ماهرن کي شامل ڪرڻ گهرجي. مجوزه ڪميٽي رهنمائي سان گڏوگڏ خصوص?? ماڻهن کي انهن جي صلاحيتن ۽ قابليت موجب نوڪرين بابت پڻ ٻڌائي. صدر معذوري جي درجابندي جي هڪ معياري ۽ مستقل نظام جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته معذوري جي درجابندي جي نظام سان خصوص?? ماڻهن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ??مڪ?? ٿي سگهندي. هن چيو ته معذوري جي درجابندي جو نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالستار معذوري جي درجابندي/ معذوري جي شدت جي فريم ورڪ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته خصوص?? ماڻهن جي حقن کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن جي تحفظ جي لاءِ ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل بورڊ هر مهيني ٻه اجلاس ڪري ٿو، هڪ ڏينهن ۾ اهل ماڻهو کي معذوري سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته معذوري جي شدت جي بنياد تي معذوري جي حد جو تعين ڪرڻ جي لاءِ هڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي آهي، فريم ورڪ کي انساني حقن واري وزارت صحت واري وزارت ۽ خصوص?? ماڻهن جي حقن واري ڪائونسل سان گڏجي ڊيزائن ڪيو ويو آهي. منظور ٿيل فريم ورڪ کي رهنمائي جي لاءِ صوبن سان پ?? شيئر ڪيو ويو آهي. صدر انساني حقن واري وزارت ۽ قو??ي صحت واري وزارت پاران خصوص?? ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪيل ڪم کي ساراهيو.
معذوري جي درجابندي جي لاءِ هڪ معياري ۽ مستقل نظام جوڙڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : números quina hoje