اسلام آباد-21 مارچ (اي پي پي) اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا مح??وس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.8 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اڱاري جي رات اٽڪل 9 لڳي 47 منٽن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا مح??وس ڪيا ويا. زلزلي جا لوڏا اسلام آباد، آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ مح??وس ڪيا ويا. جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به نقصان جو اطلاع ناهي مليو. قومي زلزله پيما مرڪز مطابق زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش واري علائقي ۾ 180 ڪلوميٽر گهرائيءَ ۾ هو. جڏهن ته اسلام آباد ۾ زلزلي جي شديد لوڏن کي نظر ۾ رکندي صحت واري وفاقي وز??ر عبدالقادر پٽيل جي هدايت تي اسلام آباد جي اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. عملي ?? اسپتال انتظاميه ڪنهن به اڻوڻندڙ صو??تح??ل کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيشگي قدمن کي يقيني بڻائين. صحت بابت وفاقي وز??ر اين ڊي ايم ا?? سان به رابطي ۾ آهي.
اسلام آباد سميت ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا، اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ جاري
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری