اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 نومبر تي پسني بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي پ??نئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام ??يش ڪيو. هن شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر صوبيدار عبيدالله، نائيڪ محمد سجاد ۽ شهزاد قمر جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي شهباز، فيض الرحمان ۽ زاهد حسين جي پ??نئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي حمزه ظهير، محمد امين، شبر حسين ۽ سيد مبارڪ شاهه جي وارثن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 12 نومبر تي مير علي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عبدالله کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ د??ا پڻ ڪئي. صدر پونئيرن سان همدردي جو اظهار ۽ صبر جميل جي دعا ڪئي.
صدر پاران پسني ۽ اتر وزيرستان ۾ حملن ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا