ڪراچي – 08 ?? ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت معيشت ??ي دستاويزي بڻائڻ ۽ اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪس??ين?? جي ميمبرن ۽ پاڪستان جي ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪس??ين?? جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، پاڪستان اسٽاڪ ايڪس??ين?? جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ خان، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪس??ين?? ڪميشن آف پاڪستان عاڪف سعيد ۽ پاڪستان جي ٻين ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن شر??ت ڪئي. ملاقات ۾ سي اي او پاڪستان اسٽاڪ ايڪس??ين?? نگران وزيراعظم جي خصوصي تي سندس ٿورا مڃيا ۽ اسٽاڪ ايڪس??ين?? جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پاڪستان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌيو آهي جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪس??ين?? ۾ رڪارڊ سطح تي ڪاروبار جاري اهي. ملاقات جي شر??ت ڪندڙن عالمي مالياتي اداري جي پروگرام جي حوالي سان حڪومت جي سنجيدگي ۽ اداراجاتي سڌارن جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نگران وزيراعظم تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت قدمن ۽ ان جي حوصلي جوڳي جي نتيجن تي پڻ روشني وڌي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. حڪومت معيشت ??ي دستاويزي بڻائڻ جي حوالي سان پڻ عملي قدم کڻي رهي آهي.
پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ