اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ??ان پو??يوجي مڪمل خاتمي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا، اهڙا علا??قا جتي سيڪيورٽي جا چئلينجز آهن اتي هر ٻار کي پو??يو ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پو??يو جي خاتمي جي قومي ٽيم سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو قومي صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر ملڪ ??ختار احمد ڀرت، وزيراعظم جي پو??يو جي خاتمي واري فو??ل پرسن ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر نديم محمود ۽ پو??يو جي خاتمي وارو نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد انوارالحق موجود هئا. وزيراعظم چيو ته فرنٽ لائين ورڪرز جي محنت حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پاڪستان پو??يو جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان انهن ٻن ملڪن مان هڪ آهي جتي پو??يو جو چئلينج موجود آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي پو??يو جي خاتمي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني ۽ کيس پو??يو جي خاتمي جي حوالي سان ٻئين، چو??ين ۽ ڇهين مهيني جي پلان جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 2024ع ۾ هيستائين سڄي ملڪ ??ان رپورٽ ٿيل پو??يو ڪيسز جو انگ 9 ٿي چڪو آهي، سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2024ع ۾ پو??يو ويڪسين جي ملڪ گير مهم منعقد ڪئي ويندي. اهڙا ٻار جيڪي پو??يو ويڪسين پيئڻ کان محروم رهجي ويا، انهن جي ڊيٽا کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو ويو آهي ته جيئن ڊيجيٽل ٽريڪنگ جي مدد سان انهن جي ويڪسي نيشن ڪئي وڃي.
ملڪ مان پوليوجي مڪمل خاتمي لاءِ رياست جا سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش