اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيل??ني ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن ??بب ٿيل ج??ني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪاله?? پنهنجي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرن ??ي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سندن غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيل??ني لاڳاپيل ادارن ک?? قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت به ڪئي. هن چيو ته قدرتي آفتون هڪ عالمي مسئلو آهن، گڏيل ڪوششن سان ئي ن??ڪاري اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جهڙا چئلينجز سامهون آهن، برسات دوران ماڻهن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج