اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ٽپال کاتي صارفين جي سهولت لاءِ سڄي ملڪ جي 27 شهرن ۾ اڄ کان ”اڄ ??ي ٽپال اڄ ??ي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪ??ي رهيو آهي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي پٺڀرائي حاصل آهي. پاڪستان پوسٽ جي عملدارن ”اي پي پي“ کي ٻُڌايو آهي ته پاڪستان پوسٽ سڄي ملڪ جو قومي ادارو آهي، جيڪو ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ صارفين کي پيشوراڻين خ??مت?? سان گڏوگڏ الائيڊ سروسز فراهم ڪ??ي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ ??ي ٽپال اڄ ??ي پڄائڻ تحت 5 کان 20 ڪلوگرام سامان جي رسد جي سروس فراهم ڪ??ي رهيو آهي. هن چيو ته شروعات ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽه سميت هڪ ٻن وڏن شهرن ۾ سامان ۽ پارسل جي رسد آزمائشي بنيادن تي شروع ڪئي وئي، جنهن کي ڪاروباري برادريءَ جي ڀرپور پٺڀرائي حاصل ٿي. پوسٽ عملدارن ٻُڌايو ته ان وقت ملڪ جي 27 وڏن شهرن ۾ فراهم ڪ??ي پئي وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان هي سروس ٻين ڪوريئر ڪم??ني?? جي ڀيٽ ۾ انتهائي سستي ترين سروس فراهم ڪ??ي رهي آهي. پاڪستان پوسٽ مستقبل ۾ اها سهولت ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ به شروع ڪندي جنهن سان گهريلو ۽ ڪاروباري ٻنهي صارفين کي بااعتماد سروس گهر جي دروازي تي ميسر هوندي.
پاڪستان ٽپال پاران ملڪ جي 27 شهرن ۾”اڄ جي ٽپال اڄ ئي تقسيم“ ڪرڻ جي سهولت شروع
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados