نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس ٻنهي مل??ن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وڌي. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي مل??ن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي مل??ن جي عوام جي وچ ۾ موجود خيرسگالي مان فائدو کڻندي وزيراعظم پارلياماني مٽاسٽا، گڏيل عوامي رابطن، رانديگرن، تعليمي ماهرن، فنڪارن ۽ شاگ??دن جي مٽاسٽا جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ??ي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر محمد يونس کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن سان علائقائي تعاون ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي سگهندي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه ??ي اتفاق ڪيو ته ٻنهي مل??ن جي عوام جي ترقي جي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي ملاقات، ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي سطحن تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری