راولپنڊي – 26 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ ٿيل آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ س??اء?? واري شعبي( آءِ ايس پي آر) مطابق 25/26 سيپٽمبر جي رات جو سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي زرمڪ ۾ انٽيلي جنس بنياد تي ٻڌل آپريشن ڪيو. جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ 8 خوارج جهنم واصل ٿيا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود به هٿ ??يو آهي، اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ??هشتگردي جي ڪارروائين سان گڏو گڏ معصوم شهرين جي ٽا??ڪٽ ڪلنگ ۾ به سرگرم رهيا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن اتي ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.
سيڪيورٽي فورسز پاران اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada