اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اعلان ڪيو آهي ته صارفين کان آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 20 پئسا في ??ونٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا. ڪالهه نيپرا طرفان جاري اعلان موجب ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪئي وئي. اعلان موجب سينٽ??ل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي) ايف سي اي جي مد ۾ 57 پئسا في ??ونٽ جي گهٽتائيءَ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين کانسواءِ لائن لائيف، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽي??نن تي لاڳو هوندو، ان جو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. سي پي پي اي جي ان کان اڳ صارفين کان جولاءِ جي ايف سي اي جي مد ۾ 37 پئسا في ??ونٽ گهٽتائيءَ سان چارج ڪ??و ويو هو، آگسٽ جو ايف سي اي جولاءِ جي ڀيٽ ۾ صارفين کان وڌيڪ 20 پئسا في ??ونٽ گهٽ چارج ڪ??و ويندو.
صارفين کان آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 20 پئسا في يونٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا: نيپرا
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا