لاهور- 06 آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اسلام آب??د جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان گهرو معاملن واري وفاقي وزير ، اسلام آب??د انتظاميه ۽ اسلام آب???? پوليس جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته اسلام آب??د تي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي اسلام آب???? پوليس شاندار ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج، پنجاب پوليس ۽ رينجرز به اسلام آب??د ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وزير??عظ??، گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان ملاقات دوران ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفاقي گهرو وزير، وزير??عظ?? کي اسلام آب??د جي تازه ترين صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? اسلام آب??د جي امن امان جي صورتحال کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير، اسلام آب??د انتظاميه ۽ اسلام آب???? پوليس جي واکاڻ ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته ڪانسٽيبل حميد شاهه عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندي شهادت ماڻي، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري. وزير??عظ?? چيو ته قوم اها قرباني هميشه ياد رکندي، شهيد سپاهي جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته شهيد جي وارثن جو مڪمل طور تي خيال رکيو وڃي. هن چيو ته اسلام آب??د جي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويو. صورتحال تيزي سان معمول طرف اچي رهي آهي. وزير??عظ?? شهباز شريف چيو ته معيشت جي ترقي ۽ مملڪت خ??اد??د جي خوشحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، سياسي مخالفن کي پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري هضم نه ٿي رهي آهي، دنيا پاڪستان جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪري ٿي، سياسي مخالف پاڪستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي معيشيت جي حوالي سان ڪنهن کي غير قانوني طور تي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ عالمي تقريبون معمول موجب ٿينديون. هن چيو ته سيڪيورٽي جا بهترين ۽ اعليٰ معيار جا انتظام ڪيا پيا وڃن جنهن تي سڄو ڌيان آهي. ان موقعي تي گهرو وزير وزير??عظ?? کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اهم شاهراهون ٽريفڪ لاءِ کوليون ويون آهن، صورتحال تيزي سان معمول تي اچي رهي آهي، گهرو وزير، وزير??عظ?? کي سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي واپسي تي به بريفنگ ڏني ۽ چيو ته سريلنڪا ۾ قيد 56 پاڪستاني قيدي اڄ وطن واپس پهچندا. گهرو وزير چيو ته نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان سريلنڪا کان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي جا سمورا خرچ برداشت ڪندو. وزير??عظ?? سريلنڪا کان قيدين جي واپسي جي حوالي سان وفاقي گهرو وزير ۽ نجڪاري واري وزير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات، اسلام آباد جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔