لاهور-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪالهه فلسطيني عوام سان يڪجهت??ءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مظلوم فلسطينين تي اسرائيلي ڏاڍ ۽ ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فلسطينين سان يڪجهت??ءَ جي اظهار لاءِ سيمينارز، تقريبون ۽ ريلين جو بندوبست ڪيو ويو. مقررن چيو ته مظلوم فلسطينين تي فسطائي قوتون ??هڙ??ءَ طرح ظلم ڪ??ي رهيون آهن، پوري پاڪستاني قوم فلسطين سان يڪجهت??ءَ جي اظهار لاءِ انهن سان گڏ آهي. مسلم اُمت کي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي. اسرائيلي دهشتگرد??ءَ سبب هاڻي تائين 42 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. اسرائيلي فورسز غزه ۾ هزارين ٽَن ??ما??يدار مادو استعمال ڪيو جڏهن ته اسرائيلي بمبار??ءَ سبب هڪ لک 50 هزار گهرن کي نقصان پهتو. مقررن وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ڏاڍ سبب غزه جي هٿين خالي عوام کي خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اسرائيلي دهشتگردي سان سَوين ڊاڪٽر، صحافي ۽ وڪيل به شهيد ٿي چڪا آهن. هنن ??ڏيل قومن ۽ ٻين امن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني عوام تي اسرائيلي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج