اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اسرائيل جي لبنان جي خلاف فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي لبنان جي خودمخت??ار?? ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن لبنان جي وزير??عظ?? نجيب ميقاتي سان ٽيليفونڪ راب??و ڪيو ۽ لبنان جي لاءِ جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ فلسطين جي ع??ام جي لاءِ پڻ اهڙي طرح جي معاهدي جي ضرورت تي زور ڏنو. لبنان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻي ۽ گرمجوشي ت?? ٻڌل لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزير??عظ?? چيو ته پوري پاڪستاني قوم هن مشڪل وقت ۾ لبنان جي ع??ام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي، ان جذبي تحت پاڪستان لبنان ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪئي ۽ مستقبل ۾ پڻ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن شام جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير??عظ?? بيروت جي رستي شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي فوري انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ نجيب ميقاتي جي ذاتي مداخلت ۽ مدد جي درخواست ڪئي. لبناني وزير??عظ?? ميقاتي اسرائيل جي فوجي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي اصولي موقف تي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوشي ت?? ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن جو هڪ مثال آهي. هن وزير??عظ?? محمد شهباز شريف کي يقين ڏ??ار??و ته لبنان شام مان پاڪستانين جي انخلا ۾ هر ممڪن مدد ڪندو. بعد ۾ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف شام ۽ لبنان ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان پڻ راب??و ڪيو ۽ انهن کي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو لبناني وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ٽيليفونڪ رابطو، لبنان جي خودمختياري ۽ سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ