نيويارڪ -20 مارچ (اي پي پي)پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ??ائ??نسل کان مطالبو ڪيو آهي، ته هو پنهنجي ٺهرائن خاص طور تي پراڻن تڪرارن جي ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري، پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 15 رڪني اداري کي وڌندڙ چئلينجن جو جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ شفاف، جوابده، جامع ۽ جمهوري بڻجڻ گهرجي. سلامتي ??ائ??نسل جي نئين سر تنظيم سازي لاءِ ڊگهي عرصي جي جاري ڳالهين کي ٻيهر شروع ٿيڻ تي سفير منير اڪرم نمائندن کي ٻڌايو ته ڪا به شئي ??ائ??نسل جي ساک جي چونڊ لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي ٺهرائن تي ع??ل نه ڪرڻ کي وڌيڪ مجروح ناهي ڪندي، ٺهرائن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي سلامتي ??ائ??نسل جي ساک کي مجروح ڪندي آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ذريعي فرض ڪيل ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي انهي جي اهليت تي اعتماد کي ختم ڪري ٿي. پنهنجي رمارڪس ۾ پاڪستان جي سفير سلامتي ??ائ??نسل جي ڪم ڪرڻ جي طريقن م شفافيت، احتساب ۽ شموليت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ بامعنيٰ سڌارا حاصل ڪرڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن تي زور ڀريو. ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڏيندي ته گڏيل قومن جي چارٽر سلامتي ??ائ??نسل ۽ جنرل اسيمبلي ٻنهي کان الڳ الڳ پر تڪميلي ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته اسان سڀني کي سلامتي ??ائ??نسل طرفان جنرل اسيمبلي کي فعال ۽ اختيارن تي مسلسل تجويزون، خاص طور تي قانوني معيار قائم ڪرڻ ۽ جنرل اسيمبلي جي دائريڪار ۾ آيل مختلف مسئلن لاءِ تعريفن جي تعين جي حوالي سان سنجيدگي سان ڳڻتي هئڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سڌاراتي عمل جي هڪ حصي طور تي ??ائ??نسل کي وسعت ڏيڻ هڪ عام معاهدي باوجود ميمبر ملڪ تفصيلن تي ورهايل آهن. چار نام نهاد ميمبر ملڪن جو گروپ جنهن ۾ ڀارت، برازيل، جرمني ۽ جاپان شامل آهن اهي ??ائ??نسل ۾ پنهنجي لاءِ مستقل سيٽون گهرن ٿا،??ائ??نسل کي 10 سيٽن ??ائ??ن وڌائڻ لاءِ پنهنجي دٻاءَ ۾ ڪا به لچڪ ناهي ڏيکاري، جنهن ۾ 6 اضافي مستقل ۽ 4 غير مستقل ميمبرن جو مطالبو شامل آهي جڏهن ته ٻئي پاسي اٽليءَ پاڪستان جي قيادت ۾ اتفاق راءِ وارو اتحاد (يو ايف سي) گروپ آهي، جيڪو اضافي مستقل ميمبرن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو. ميمبرن جي هڪ نئين ڪيٽيگري تجويز ڪئي وئي آهي ته وڌيڪ مستقل ميمبرن بجاءِ سلامتي ??ائ??نسل جي ڊگهي مدي وارا غير مستقل ميمبر هجن جن جي ٻيهر چونڊ ممڪن هجي. پنهنجي مباحثي ۾ منير اڪرم طرفان بيان ڪيل اهم نقطن ۾ مستقل ميمبرن جي غير ضروري اثر رسوخ کي روڪڻ سان گڏوگڏ ??ائ??نسل جي جوابدهي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ کليل اجلاسن ۾ گڏيل ڳالهين جي ضرورت، مڪمل شفافيت، بشمول جنرل اسيمبلي جي رپورٽنگ جي معيار ۽ انگ کي وڌائڻ ۽ عوامي گڏجاڻيون ۽ بحث مباحثا منعقد ڪرڻ ، مباحثن ۾ شموليت، غير ??ائ??نسل ميمبرن جي انهن درخواستن تي خودڪار شرڪت جي اجازت ڏيڻ، (پين هولڊر) ??ائ??نسل جي ٺهرائن جي مسودن تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ اهو مسودو تيار ??ند?? ميمبرن جي نظام جو خاتمو يا اصلاح، ذيلي ادارن جي چيئرز جي مقرري لاءِ جمهوري عمل، ??ائ??نسل جي دهشتگردي جي خاتمي بابت لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ اڻبرابري جو سلوڪ نه ڪرڻ سان گڏوگڏ مناسب عمل ۽ موثر روڪٿام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن جي اصلاح ڪرڻ شامل آهي.
سلامتي ڪائونسل پراڻن تڪرارن تي پنهنجن ٺهرائن تي عملدرآمد جي طريقن تي سنجيدگي سان غور ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن