اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 70 هين آزادي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئ?? وئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??ردار اياز صادق يادگار جمهوريت تي گل چاڙهيا، ان موقعي تي سينيٽ سيڪريٽري امجد پرويز ملڪ کانسواءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته آئين جي تحفظ ۽ پاسداري لاءِ قوم ??ي متحد ٿيڻو پوندو، پارليامينٽ عوامي امنگن جي ترجمان آهي ۽ جمهوريت جي استحڪام ۾ پارليامينٽ جو اهم ڪردار آهي. 70 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ يادگار جمهوريت تي گل چاڙهڻ کانپوءِ سينيٽ چيئرمين صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores