اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر جوڪو ودودو چيو آهي ته فوجي طاقت جي استعمال ۽ هٿيارن جي ڊوڙ سان تڪرارن جو حل ممڪن ناهي، جمهوريت اسان جي ماڻهن جي مفادن ۽ مسئلن جو بهترين تحفظ آهي، جمهوريت فيصلا سازي ۾ به اهم ڪردار ر??ند?? آهي، جمهوريت جي ڪري ئي انڊونيشيا ۾ معاشي واڌ ويجهه جي شرح پنج سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ مستحڪم آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي دوستي نئين نئين قائم ناهي ٿي پر اسان پاڪستان جو ان لاءِ به قدر ڪندا آهيون ته پاڪستان اسان جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڪردار ادا ڪيو، 17 آگسٽ 1995ع ??ي انڊونيشيا جي سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان جي باباءِ قوم قائد اعظم کي انڊونيشيا جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت ??ي انڊونيشيا جو سڀ کان و??و سول ايوارڊ ڏنو ويو، هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڪيترائي قدر گڏيل آهن.
جمهوريت جو فيصلا سازي ۾ اهم ڪردار آهي: انڊونيشيا جو صدر
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری