اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊاڪٽرز اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، پاڪستاني ڊاڪٽرز جي صلاحيتن جي پوري دنيا م??عر?? آهي. هن اهڙن خ??ال?? جو اظهار انصاف ڊاڪٽرز فورم جي صدر ڊاڪٽر مدير خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ خيبرپختونخوا جي صح?? ۽ روينيو وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا به موجود هو. ملاقات دوران وزيراعظم کي صح?? جي شعبي ۾ سڌارن بابت اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر مدير وزيراعظم کي ڊاڪٽرن جي انٽري ٽيسٽ ايگزام (اي?? ڊي سي اي ٽي) ۽ نيشنل لائيسينسنگ ايگزام (اين ايل اي) بابت خدشن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ڊاڪٽر فيصل سلطان کي ترجيحي بنيادن تي انهن خدشن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔