اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للها – جهلم ٻن ڦاڪن واري ??ستي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ٻن ڦاڪن وارو رستو 16 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندو ۽ ان جي تڪميل 30 مهينن ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب ان رستي جي تعمير سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن ۾ رابطو قائم ٿيندو، ڄاڻايل رستي جي ڪري ??ياحت کي فروغ، پوکيءَ جي فارم کان مارڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. تقريب ۾ پنجاب جي وڏ?? وزير سردار عثمان ??وز??ار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، آزاد ڪشمير ج?? وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاق?? وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون