اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ سڌ??را بل تي صحيح ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ صحيحن واري تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي پا??لياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پا??لياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان شرڪت ڪئي. صدر جي پا??ان صحيح کانپوءِ چونڊ سڌ??رن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئي آهي.
صدر چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ