اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقستان جي نائب ??زيراعظم مختار تلبردي چيو آهي ته مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضروري ??هي. قازقستان ۽ ايشيا گروپ جي نمائندي طور اس??امي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي قازقستان جي نائب ??زيراعظم چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پاڪستان کي بهترين ميزباني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عالمي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان عالمي معيشت دٻاءُ جو شڪار ??هي. هن چيو ته قازقستان ڪشمير مسئلي جو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو حل چاهي ٿو، ان سان گڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پڻ منصفاڻو حل چاهي ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقستان جون ترجيحون آهن. ملڪن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌي رهيو ??هي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي نفرت جو سبب بڻجي رهي ??هي. افغانستان جي صورتحال تي اسان کي ڳڻتي ??هي. افغانستان کي انساني بنيادن تي فوري امداد جي ضرورت ??هي.
مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي: قازقستان جو نائب وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گرم گرم