اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لا??ِ سخت حفاظتي قدمن جي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي اطلاع تي گهرو وزارت کي فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جي سخت هد??يت جاري ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي حڪمن تي گهرو وزارت فوري طور تي حرڪ?? ۾ ??چي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسواءِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ عمران خان جي لا??ِ سخت حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جي هد??يت ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هد??يتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ۾ گهرو وزارت چيو آهي ته سڄي مل?? ۾ ??مران خان جتي به وڃي ان جي سخت سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. گهرو وزارت عمران خان جي بني گالا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سميت ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن يقيني بڻائڻ جي پڻ هد??يت ڪئي آهي. گهرو وزارت هد??يت ڪئي آهي ته عمران خان جي جلسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمين جي دوران سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
وزيراعظم پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری