ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آهي، ڀارت پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج پاران ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ جاري گهيراءُ کي بنا ڪنهن دير جي ختم ڪيو وڃي، ڀارت جي 370 ۽ 35 اي ۾ تبديلي گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ??رزي آهي. هن چيو ته ڀارتي قدم ??طي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني حق بحال ڪرائي. سنڌ جي وقتي گورنر چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي تحريڪ کي دٻائڻ مودي حڪ??مت جي وس جي ڳالهه نه آهي، جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي وڃي هڪ به پاڪستاني ??ک سان نه ويهندو. آغا سراج دراني چيو ته ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سڀني حريت پسندن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي هر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آهي: سنڌ جو وقتي گورنر آغا سراج دراني
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔