اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان جي دوري تي آيل ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو، ترڪيه جي ماحوليات، اربنائيزيشن ۽ موسمياتي تب??يلي واري وزير مرات ڪورم، ترڪ ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي چيئرمين، ترڪ گهٽ لاڳت هائوسنگ ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ان سان گڏ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه جي پاڪستان سان تعاون جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي خوش آئنده قرار ڏ??و ته صدر اردوان جي فون ڪال جي فوري پوءِ ترڪيه ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ خيما، کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ هنگامي امدادي سامان جي صورت ۾ پاڪستان کي امداد موڪلي. هيستائين 11 ترڪ فوجي جهاز ۽ 2 سامان سان ڀريل ٽرينون پاڪستان روانو ٿي چڪيون آه??. وزيراعظم 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران ترڪيه پاران پاڪستان جي لاءِ مدد جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏ??و ته ترڪيه ۽ پاڪستان هڪ ج??ن ۽ دل آه?? ۽ انهن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. وفد کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تب??هي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آه?? ڇو ته ٻوڏ سبب لکين ايڪڙ تي فصل تب??هه ٿي ويا آه??. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي مرحلي، ماڻهن جي روزگار جي نقصان، خوراڪ جي کوٽ ۽ سماجي ۽ اقتصادي عدم تحفظ جي ڪري پيدا ٿيندڙ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ترڪيه جي ڀرپور تعاون جي اميد جو اظهار ڪيو. ترڪ گهرو وزير سليمان سوئيلو پاڪستان ۾ تازي چوماسي ۽ ٻوڏ دوران قيمتي جاني جي زي??ن ۽ قيمتي ملڪيتن جي تب??هي تي صدر اردوان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏ??و ته ترڪيه ٻوڏ متاثرين کي زميني ۽ فضائي رستن سان امداد فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جمعي جي نماز دوران ترڪيه ۾ ماڻهو پنهنجي پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ دعا ڪندا ۽ وڌيڪ تعاون پڻ فراهم ڪندا. ترڪ وزير چيو ته صدر اردوان جي هدايتن موجب ترڪيه جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ لاڳاپيل ادارا پاڪستان جي ضرورتن موجب وڌيڪ مدد فراهم ڪرڻ جي لاء?? تيار آه??. گهرو وزير سوئيلو جي قيادت ۾ ترڪيه جو وفد ملڪ ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آه??. وفد ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي پڻ دورو ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪيه جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات